چاچڪان پرڳڻو

چاچڪان پرڳڻو: سترهين صدي عيسويءَ ۾ ٺٽي صوبي جي انتظام هيٺ آيل هڪ سرڪار/ پرڳڻي جو نالو چاچڪان هو. تاريخن ۾ آهي ته هن پرڳڻي جا رهاڪو سڌا سنواٽا هئا. پر مينڌار قوم وارا سرڪش هئا، جن کي ٺٽي جي گورنر مظفر معموري جي دور ۾ عبدالباقي جاگيردار سڌاري ضابطي ۾ آندو. سوڍا ۽ سميجا جيڪي نصرپور جي قبيلن سان ڳنڍيل هئا. اهي پڻ چاچڪان ۾ رهندا هئا ۽ عبدالباقي جي هٿان مات کائڻ بعد صلح سان رهڻ لڳا


هن صفحي کي شيئر ڪريو